پروفيسر، بيکارام ديوراجاڻيءَ

پروفيسر، بيکارام ديوراجاڻيءَ

بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر

بيکارام ديوراجاڻي، ڊاڪٽر: سنڌ جي مشهور ۽ ماهر ڊاڪٽر ۽ پروفيسر، بيکارام ديوراجاڻيءَ، 1 مارچ 1962ع تي، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ گُونگئي ۾، هرچندراءِ سوٽهڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، مئٽرڪ ٽنڊي ڄام ۽ انٽر مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. هن لياقت ميڊيڪل ڪاليج مانMBBS جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد FCPS (پاڪستان)، FACP (آمريڪا) ۽ FRCP (لنڊن) ڪيائين. پاڻ عملي زندگيءَ جي حوالي سان گذريل 28 سالن کان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي ‘ڊپارٽمينٽ آف ميڊيسن’ جو چيئرمئن ۽ ‘سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينڊوڪرينولاجي اينڊ ڊايابيٽس’ جو ڊائريڪٽر آهي. ان کان سواءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ ۾ M.Sc جو سپروائيزر، ‘ڪاليج آف فزيشنس اينڊ سرجنس پاڪستان’ (CPSP) جو ممتحن، FCPS ميڊيسن (ڪاليج آف فزيشن اينڊ سرجنس آف پاڪستان) ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي شعبي MD- ميڊيسن جو سپروائيزر آهي. جڏهن ته PMRC (پاڪستان ميڊيڪل ريسرچ سينٽر) اسلام آباد جو پرنسپل ريسرچ آفيسر ۽ ريجنل پوليس اسپتال حيدرآباد جو اعزازي معاون ڊاڪٽر رهي چڪو آهي. بنگلاديش ڪاليج آف فزيشن اينڊ سرجن (BCPS) جو بين الاقوامي ممتحن ۽ ‘ڪاليج آف فزيشنس اينڊ سرجنس’ جو ريسرچ فيسليٽيٽر آهي. ان کان سواءِ عام ڊاڪٽرن لاءِ ‘آن لائين ڊپلوما’ پروگرام جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن ايم. فل توڙي پي. ايڇ. ڊي جي شاگردن کان سواءِ ايم. ايس. سي (ڊايابيٽڪس اينڊ اينڊوڪرئنس ڪريڪيولم)، فئملي هيلٿ ڪيئر ۾ ڊپلوما لاءِ نصاب توڙي قاعدا ۽ ضابطا تيار ڪيا آهن ۽ ساڳين پروگرامن جو پاڻ سربراهه آهي.
ڊاڪٽر بيکارام، هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ ڊي کان بچاءَ لاءِ سنڌ حڪومت جي رٿا ‘هيپاٽائيٽس پريوينشن آف ڪنٽرول پروگرام جو انچارج آهي ۽ 500 جي لڳ ڀڳ ڊاڪٽرن کي IDC (انٽرنيشنل ڊايابيٽس سينٽر) جي قاعدن موجب هيپاٽائيٽس کان بچاءُ بابت تربيت ڏئي چڪو آهي. پاڻ 50 پوسٽ گرئجوئيٽس جو سپروائيزر رهڻ کان سواءِ پاڻ HEC ۽ PMDC پاران 2011 ۾ ايم. بي. بي. ايس جي نصاب ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. هي صحت جي عالمي اداري جي پروگرام ‘رول بئڪ مليريا’ ۾ سنڌ چيپٽر جو چيئرمئن رهي چڪو آهي، جڏهن ته PMDC طرفان ميڊيڪل ڪاليجن لاءِ ماسٽر انسپيڪٽر پڻ آهي.
ڊاڪٽر بيکارام قومي توڙي بين الاقوامي سطح جي ڪانفرنسن ۾ 37 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا پيش ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ پاڻ ‘ورلڊ جرنل آف ميڊيڪل سائنسز’، ‘مڊل ايسٽ جرنل آف سائنٽيفڪ ريسرچ’، ‘گلوبل جرنل آف فارموڪلاجي’ جو مدير؛ ‘ورلڊ اپلائيڊ سائنسز جرنل’ ۽ ‘ورلڊ جرنل آف هيپاٽالاجي رويوئر’ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر آهي. پاڻ هن وقت تائين بنيادي صحت ۽ تحقيقي طريقيڪار جي موضوع تي لڳ ڀڳ 50 ورڪشاپ ڪرائي چڪو آهي. سندس 109 تحقيقي مقالا قومي توڙي بين الاقوامي سطح جي جرنلن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
ڊاڪٽر بيکارام عام ماڻهن جي صحت بابت سجاڳيءَ لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي صحت جو پروگرام ڪندو رهي ٿو. هن سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ 100 کان وڌيڪ مفت طبي ڪئمپن ۾ حصو ورتو آهي. سندس هڪ اهم ڪم ڪينجهر تي ‘نوري هاسپيٽل’ قائم ڪرڻ آهي، جنهن جو خرچ به پاڻ ادا ڪري ٿو.
هي ‘پاڪستان ميڊيڪل ائسوسيئيشن’ (PMA) جو تاحيات ميمبر، ‘ايشيا پئسفڪ نيورو ڪرائينس ٽيومر سوسائيٽي’ (AP-NETS) جو ميمبر هئڻ کان سواءِ ‘پاڪستان سوسائٽي آف اسٽڊي آف لِوَر ڊزيز’ (PSSLD)، سنڌ سرڪار جي جوڙيل ‘ٿر ڊيولپمينٽ ڪميٽي’، ‘آمريڪن ائسوسيئيشن آف ڪلنڪل اينڊو ڪرينالاجسٽ’، ‘نيشنل ورڪنگ گروپ فار ڊايابيٽڪ ريٽئنوپيٿي’، ‘پاڪستان اوبيسٽي سوسائٽي’، ‘ڪارڊيو ميٽابولڪ فورم آف پاڪستان’ ۽ ‘روٽري ڪلب حيدرآباد ’ جو ميمبر ۽ صحت جي عالمي اداري EMRO- ريجن آف ڊايابيٽڪ ريٽينوپئٿي جو عارضي صلاحڪار آهي.
ڊاڪٽر بيکارام، صحت جي مکيه شعبن جهڙوڪ: جيري جي مرضن، شگر ۽ دماغي بيمارين تي وڏي دسترس رکي ٿو. هن پنهنجي ذاتي خرچ سان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ قائم پنهنجن يونٽس کي جديد سهولتن سان آراسته ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. جن ۾ BLS skill lab، e-laboratory Diabetic Foot Clinic، ڊايابيٽڪ ريٽينوپئٿي اسڪريننگ ڪلنڪ (سڄي ملڪ ۾ پهريون ڀيرو HMS سسٽم تحت) ۽ ‘هاءِ ڊپينڊينسي يونٽس’ جهڙيون سهولتون شامل آهن.
سندس خدمتن جي مڃتا طور کيس 2011ع ۾ هاير ايجيوڪيشن ڪميشن طرفان ‘يونيورسٽيءَ جي بهترين استاد جو اوارڊ’، 2012ع ۾ ‘آمريڪن ڪاليج آف فزيشنس فيلوشپ’ ۽ 2014ع ۾ رائل ڪاليج آف فزيشنس، لنڊن طرفان اعزازي فيلوشپ سان نوازيو ويو.
نوٽ : ڊاڪٽر بيکارام کي هن وقت لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشوري جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.03.01  عيسوي

سنڌ جي مشهور ۽ ماهر ڊاڪٽر ۽ پروفيسر، بيکارام ديوراجاڻيءَ، 1 مارچ 1962ع تي، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ گُونگئي ۾، هرچندراءِ سوٽهڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بروهي
بلاذري
سميع الله ڪلهوڙو
عبدالسميع ميمڻ
تارا ٻائي
جانان بيگم
بيرنگ بادشاهه
دائودپوٽو ولي
ارباب کهاوڙ
بالميڪي/والميڪي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون